شاهاڻي صاحب سنگھه

شاهاڻي، صاحب سنگھه: صاحب سنگھه چنداسنگهه شاهاڻي جديد ڪراچيءَ جي بانيڪارن مان هڪ هو. هن 1869ع ڌاري حيدرآباد ۾ سکن جي هڪ قديم عامل‘ گھراڻي ’ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ پڙهيو ۽ ايم. اي جي ڊگري بمبئي يونيورسٽيءَ مان امتيازي نمبرن ۾ حاصل ڪئي. هن ايم. اي ۾ فارسي ۽ انگريزي اختياري مضمونن طور کنيا.
هي پهريون سنڌي هو، جنهن بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ولسن ڪاليج ۾ فارسيءَ جي پروفيسر طور پڙهائڻ سان ڪئي، پر بعد ۾ ڪراچيءَ جي ڊي. جي ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو، جنهن بعد1917ع کان 1927ع تائين ڊي. جي ڪاليج جو پرنسپال به رهيو. هڪ استاد جي حيثيت ۾ هن تعليمي ميدان ۾ تحقيق ۽ ترويج لاءِ ڪافي ڪوششون ورتيون، جيڪي سنڌ جي نئين ٽهيءَ لاءِ اثرائتيون ثابت ٿيون. هن ڊي. جي ڪاليج جي ترقيءَ لاءِ ڪيترا اهم ڪم ڪيا. ان کان علاوه نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۽ ڊي. جي ڪاليج ۾ داخلا لاءِ گهڻو همٿايو. سندس هڪ ڌيءَ پهرين سنڌي عورت هئي، جيڪا سنڌ بار جي ميمبر بڻي. شاهاڻيءَ جي ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ لا ڪاليج قائم ٿيو ۽ هن اين. ڊي. اي انجنيئرنگ ڪاليج جي قيام لاءِ به ڪافي اهم ڪردار ادا ڪيو. کيس زراعت جي شعبي ۾ به ڪافي دلچسپي هئي. هن جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) ويجھو زمينون به خريد ڪيون ۽ سنڌ ۾ آمريڪن اجيپشن ڪپهه جي جنس پوکيندڙن مان هڪ هو. انهن جنسن کي سنڌ ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ پوءِ سنڌ حڪومت به ڪافي دلچسپي ورتي هئي. هن سنڌ جي زمينن جي نو آبادي يا آبادڪاريءَ لاءِ مقرر چيٽلئنڊ ڪمپنيءَ جي ٺاهڻ لاءِ به اثرائتو ڪردار ادا ڪيو ۽ 1916ع ۾ ان تي ڪوٺايل سماجي ڪانفرنس جي صدارت پڻ ڪئي. هيءُ 1921ع کان 1930ع تائين زميندارن لاءِ مخصوص سيٽ تي قانونساز اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو ۽ ان جي قانونسازيءَ لاءِ ڪافي ڪم ڪيو. هي انڊيا جي چٽاڀيٽيءَ واري امتحان لاءِ آءِ. سي. ايس جي بورڊ جو ميمبر ۽ پوءِ چيئرمئن به ٿي رهيو. پاڻ ليکڪ به هو، سندس هڪ ناول (ماخوذ) ’بلو کوکر‘ مشهور آهي. شاهاڻي صاحب سنگھه 1931ع ڌاري وفات ڪئي.


لفظ شاهاڻي صاحب سنگھهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو